حسين بخش سخيراڻي

حسين بخش سخيراڻي

حسين بخش سخيراڻي

حسين بخش سخيراڻي: حسين بخش ولد ڪانڊيرو خان منصور سخيراڻي 25 اپريل 1963ع تي محلي شاهه آباد ڇاڻي دادوءَ ۾ ڄائو. پنجون درجو پرائمري اسڪول شاهه آباد ڇاڻي مان پاس ڪري پائلٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ پاس ڪري سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين. اتان بي.ڪام پاس ڪري پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. حسين بخش سخيراڻي راڳ جي سکيا پنهنجي والد ڪانڊيري خان کان حاصل ڪئي، جيڪو راڳ جو ماهر آهي. هن سنڌ جي مشهور شاعرن شيخ اياز، عبدالغفار تبسم، علي گل سانگي، انور قنبراڻي، درد سولنگي، ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ جا گيت ڳايا آهن. ان کان علاوه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ بيدل سميت ٻين شاعرن جا ڪلام پڻ ڳايا آهن. هن گيت ۽ غزل کان علاوه نيم ڪلاسيڪي موسيقي ۾ به ڳايو آهي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جو ميمبر به آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ حصو وٺندو اچي ٿو.


لفظ حسين بخش سخيراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.04.25  عيسوي

حسين بخش ولد ڪانڊيرو خان منصور سخيراڻي 25 اپريل 1963ع تي محلي شاهه آباد ڇاڻي دادوءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بئريسٽر عبدالرحمان
امير بخش فقير
شيخ محمد اسلم 1
خان خانان بيرام خان
برهان فقير
ايڌي عبدالستار
صدام حسين
جونپوري سيد محمد
ڪشنچند پارواڻي
ڇاٻڙيا موهن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون